Posts

Showing posts from May, 2022
Image
  مان توکي ڪنھن نديءَ ڪناري ملنديس اڪيلي ھجوم کان پري پنھنجو پاڻ سان مخاطب ھونديس سوالن ۽ جوابن جي مجمع م ڪجھ ماضي جون يادون ۽ ڪجھ مستقبل جون سوچون جڏھن گھيري وٺنديون  مان وجوديت کي ڇڏي ڏورانهين راستن تي نڪري پونديس ۽ ڏسنديس قدرت کي ٽارئ تي ويٺل  پريمي پکين جي جوڙي ٽڙندڙ گل ء انھن مٿان شبنم جا قطره  جڏھن ھوائون وڻن کي پنهنجي حصار م وٺنديون  ۽ بي قصور پن ڇڄي ڌار ٿيندا ڌرتي ھجر جا راڳ سڻائيندي مان توکي سارينديس تنھنجي تمنا ڪئي بغير خواھشون زنجير ٿين ٿيون وڪوڙي مروڙي پساھ ڪڍن ٿيون مان گيت بڻجي سدائين جيئنديس ء اھڙو سر ڳائينديس جو ڪئي معنائون رکندو  انڊلٺ وانڱ ڪئين رنگ بڻجندس  مان ھڪ روپ نه قبولينديس  -فرزانہ شاھ  #SindhiPoem