بادل ڙي بادل
بادل ڙي بادل تون جو پاڻ کي خالي ڪرين ٿو ٻڌا۽ ڀلا توکي ان سان ڇا ملي ٿو ڊگھو رستو طئي ڪرين ٿو صبر جا گھٽ ڀرين ٿو بنجر زمين کي پاڻ ارپي وري سفر نئون شروع ڪرين ٿو ٻڌا۽ ڀلا توکي ان سان ڇا ملي ٿو ڇا تون بہ پکيئڙن جا سريلا گيت ٻڌڻ گھرين ٿو ڌرتيءَ کي دلھن جيان سينگارڻ گھرين ٿو يا مور جو رڪس ڏسڻ گھرين ٿو پاڻ ارپي وجود پنهنجو نيون اميدون ، امنگون ڏيئين ٿو نہ رڪين ٿو نہ ٿڪجين ٿو ڇا تون ڌرتيءَ سان محبت ڪرين ٿو امر بڻائي محبت پنهنجي ڪيڏو نہ ساڙ ڏيارين...

Comments
Post a Comment