ڪلھ رات ڏٺو مون
تارن ھيٺان
الائجي ڇا سوچي پيو
الائجي ڪنھن جي ياد م
ھن جي مک تي مرڪ آئي
مرڪ جھڙي گلزار
۽ ھن جي اکين جي اھا چمڪ
مونکان وسري نٿي
۽ ھن جا گھنڊيدار وار
اھا پراسرار شخصيت
سادہ ۽ گھري
خاموش لب ۽ ڳالھائيندڙ اکيون
ھن جي شخصيت جو جادو مون تي
اڃان ٿي ئي رھيو ھو
جو ھڪ نظر وري ان تي پئي
ھن دفعي مون ڇا پئي ڏٺو
مرجھايل چھرو
آليون اکيون
۽ اھا مسڪراهٽ جا سوير ڏٺم
سا ڪاڏي وئي
ھاڻ ھاڻ ئي تہ ھن کي خوش باش جوان ڏٺم
ھي سوچن م گم ، مرجھايل چھرو
مونکان سڃاڻجي نٿو
ھي ڪير آھ
ڪٿون آيو
ھن کي ايڏيون سوچون ڇا ورثي م مليون
يا تقدير کان
يا ڪمايون اٿئين
ھو خوشي بہ ڪمائي سگھي پيو
ھن غمن جو ئي انتخاب ڇو ڪيو
ھا ! ضرور ھو معصوم دل رکندڙ ھوندو
ھا ضرور !
ھن محبت ڪئي ھوندي
ھن جو دل بہ ٽٽو ھوندو
پر خبر ناھي ڇو
مونکي اھڙن ماڻھن سان ھمدردي ناھي ٿيندي
مونکي تہ انھن سان رشڪ ٿيندو آ
آخر درد ئي تہ عام انسان کي
باصلاحيت بنائڻ جي سگھ رکي ٿو
۽ ڀلا محبت جھڙو درد ٻيو ڪو ھوندو
تڏھن ئي تہ مولانا روم کان وٺي
سچل، سامي ۽ اقبال
سڀ محبت جا پرچارڪ رھيا
پو۽ ڇو نہ محبت جا گيت ڳائجن
ڇو نہ محبت عام ڪجي
ڇو درد کي برو چئجي
ٽٽل دلين وارن سان ھمدردي بجا۽
اھڙن جي ٻانھن وٺي
اتساھ ڏجي
اٿو جو توھان بھادر ھيؤ
اٿو جو توھان چونڊيل ھيؤ
اٿو جو توھان جون پاڪيزہ دليون
روشني جون طلبگار ھيون
ڏسو ! روشني خود توھان وٽ آئي آ
پنھنجي خالي دل کي پرنور ڪيو
اٿو مسڪرايو
نت ماڻھو محبت کان نااميد ٿي ويندا
ٻڌو ائين نہ ٿيڻ کپي
پنھنجي دل کي قيد نہ ڪريو
جي ائين ڪندؤ
دل وري گھرين اونداھين م وينديون ھلي
اٿو ڏيئا ڪي ٻاريون ھلو
اٿو فاتحانہ مسڪان سجائي
اٿو جو سفر ڊگھو آھ
۽ دنيا کي توھان جھڙن جي ضرورت آھ
......🖋️ فرزانہ شاھ
Comments
Post a Comment