ڪيڏو مشڪل آ من اندر جي اذيتن کي بيان ڪرڻ ء ڪيڏو آسان آ اھي گالھيون چوڻ جيڪي خوشي جو سبب بڻيون ـ پاڻ تي دٻاُء ناهي وجھڙو پوندو زبان ڄڻ پاڻھي پي گالھاءيندي آ ء رھيل قصر وري اکيون پوري ڪري ڇڊينديون ھن ـ
چوندا ھن اکين جي پنهنجي الگ زبان آ ء اھا زبان ڪنهن ٻڌھڻ واري جي منتظر ناھي , منتظر آھي تـ پاڻ جھڙي ساٿي اک جي جيڪا ان جي اندر جھانڪي سڀ راز معلوم ڪري اچي ـ جينٔن ھيري جي قيمت صرف جواھر ٻڌائي سگھي ٿو ائين من اندر جا ڏک, ايذأ, چاھتون بـ صرف نظرشناس ٔي ٻڌائي سگھندو ـ ء ڪيڏا نـ خوشنصيب ھوندا اھي ماڻهو جن کي اھڙا انسان ميسر ھونداـ اھڙا انسان زخمن تي مرھم جو ڪم ڪندا آھن ء ائين ھو ٻين لاء راحت جو سبب بڻجندا ھن ٠ مگر ھتي راحت جو مطلب سمجھڻ جو آ پر ان کان پھرين اھو ڄاڻڻ بـ لازم آ تـ ھر ماڻهو لاء ان جو مطلب الگ ٿي سگهي ٿو ـ جھڙو مزاج, اھڙو نظريوــــ
فطرت جو قانون آ, انسان پاڻ جھڙي انسان جي تلاش م ھوندوآ ـ پاڻ کي ڄاڻڻ جي خواهش ازل کان انسان جي دل م رھي آهي ء ممڪن آ اھا ٔي وجھ ھجي ڪڏھن راحت ء ڪڏهن اضطراب جي ـــ
بعض اوقات ڪو پاڻ جھڙو انسان راحت جي بجاء اضطراب م اضافو ڪري ڇڏي ٿو , دراصل انسان کي ان م پنهنجو عڪس نظر اچي ويندو آ , پنهنجي ذات جا اھي منفي پھلو جيڪي ھو ٻين کان لڪاءيندو ٿو رھي بلڪـ بعض اوقات ان کان پاڻ کان بـ لڪيل رھجي ويل پھلو جڏهن اچانڪ ان جي سامهون اچن ٿا تـ ھو اضطراب جو شڪار بڻجي ٿو پٔي ـ
اضطراب دراصل مثبت نشاندهي آهي تـ ڪجھ غلط ضرور آ, ڪا خامي, ڪا ڪمي ضرور رھجي و ٔي آ جنھنجو پورائو لازم آ ــ
اضطراب م ڪيڏا ٔي راز لڪيل آھن , جي صرف نظرشناس اک ملي وڃي تـ سڀ پردا ھٽي وڃن ــ ڪڏهن انسان پاڻ نظرشناس بڻجي ٿو پٔي تـ ڪڏهن ڪنهن ٻي نظرشناس انسان جو ھٔڻ لازمي بڻجي ٿو پوي , ٻنهي صورتن م ھڪ گالھ سمجھڻ لازم آ تـ جي پردو وقت تي نـ ھٽايو وڃي تـ اضطراب زندگي ڀر جو حصو بڻجي ويندو
ــــــ 🖋فرزانـ شاھ#MomentsOfSelfRealisation
#Solitude#SindhiPoem#Grief
Comments
Post a Comment