ھا یاد ایندا گڏ گذاريل ڏينهڙا

دوستن سان گپ شپ

۽ ڪيفٽيريا جي چانھ

ڪلاسز گسائڻ ۽ سپلي ڪي چار اٺ

۽ ياد ايندا اھي به جن ڏيکاريو

زندگيءَ جو نئون رخ

استاد ۽ ڪتاب

وبا جي دور جا آنلائن ڪلاسز

اسڪرين ريڊنگ ۽ اسائنمنٽ

آ ياد ۽ سار جو تعلق عجب

ھڪ بي مندائتو ملڻ 

ٻيو ساڻ اداسي اچڻ

ڪالھ مليا سين ٿي جن سين ھر ھر

کھل ڀوڳ چرچا ۽ رانديون رسڻ

سالن جو ساٿ ڄڻ پل ڀر لڳڻ

ٿو ڏيکاري وقت به ڪيئي رنگ 

خوشي ، غمي،ڪامراني ۽ جدائي جو رنگ

انڊلٺ وانڱ اسين به شال

رنگن سان دوستي سکي پئون

ملڻ ،سمائڻ ھڪ بڻجڻ

ھنر ڪي ٻه چار پرايون


~🖋️فرزانہ شاھ

#SindhiPoem

Comments

Popular posts from this blog

A long-lost half

There's memory of you in my heart