ڇو نه عھد ڪو دھرائجي
ڇو نه ياد ماضي جي سنھري باب مان
ڇو نه ڏسان مان توکي وري
ڇو نه اکڙيون ملائي مسڪرائجي
ڇو نه اچين تون وري
ڇو نه ڏيئو ڪو جلائجي
آسن امنڱن جو
جو روشن ڪري من اندر ميرائي کي
ڇو نه تون جھڙو ھجي
تون به ته سويرو آڻيو ھو
ڇو نه ڇڏي لاحاصل خواھشون
ميسر تي شڪرانو ڪجي
ڇو نه تنھنجو ھٿڙو وٺي
غمن کي الوداع ڪجي
ڇو نه اچين تون وري
ڇو نه عھد ڪو دھرائجي
🖋️فرزانه شاھ
#SindhiPoem
Comments
Post a Comment